انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- ڪتاب

انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- ڪتاب

انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي

انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي (ڪتاب ):نامور عالم، اديب، صحافي ۽ دانشور محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي شخصيت ۽ فن بابت ٻين اديبن، صحافين، عالمن ۽ سياستدانن جي لکيل مضمونن ۽ تقريرن کي سهيڙي يڪجاءِ ڪري ۽ ڪجهه پنهنجي پاران لکي نالي واري اديب تاج جويي هيءُ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ڏيپلائيءَ صاحب جون 22 تحريرون، چار انٽرويو، سندن خاندان جي پسمنظر، پريس، فڪري ارتقاءُ بابت محمد علي ڏيپلائيءَ صاحب جا ڇهه مضمون، ڏيپلائيءَ صاحب جي شخصيت، فن، سنڌي معاشري جي هڪ سڌارڪ ۽ هڪ بيباڪ صحافيءَ جي ڪردار تي روشني وجهندڙ چاليهن سنڌي نامور عالمن، اديبن، سياستدانن ۽ صحافين، جن ۾ سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر حميده کهڙو، شمشير الحيدري ۽ ٻيا شامل آهن ۽ اُردو، اديبن ۽ عالمن جا ست مضمون جن ۾ پروفيسر آفاق صديقي، محمود شام، ڊاڪٽر مبارڪ علي جا مضمون ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل پنج مضمون شامل آهن.
هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب ۾ 560 صفحا ۽ قيمت 350.00 رپيا آهي، هي ڪتاب سن 2003ع ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ان جي سرپرست محمد عثمان منگيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو